جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان

جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان: شاعر، استاد ۽ تعليمي ماهر، غلام مرتضيٰ خان جاگيراڻي، تعلقي روهڙيءَ جي ڳوٺ لطف خان جاگيراڻي ۾ شاهه بيگ خان جاگيراڻي جي گهر ۾ 10 آڪٽوبر 1912 ع ۾ ڄائو. سندس ڳوٺ ڪنڊڙي شريف جي ويجهو آهي. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ پڙهيو. 1964ع ڌاري تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي ٿيو ۽ 1972ع ۾ سڌي ڀرتيءَ جي سلسلي تحت ايجوڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيو.

شاعري جي شروعات 1979ع کان ڪيائين. شيخ عبدالرزاق ’راز‘ سندس شاعريءَ ۾ استاد هو. ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ڊي او هجڻ وقت فيض بخشاپوري مان سندس قربت رهي. غلام مرتضيٰ ’خانجاگيراڻي مشاعرن جو ڏاڍو شوقين رهيو آهي. هر سال لطيف ادبي تنظيم جي پليٽفارم تان طرحي ۽ موزون مشاعرو ڪرائيندو رهندو آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’سڀ سڄڻ جي ياد آ‘ لطيف پبليڪيشن سکر پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. غلام مرتضيٰ خان جاگيراڻي اعليٰ سرڪاري عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ مطالعي ۽ زمينداري ۾ جي ڪرت سان واڳيل آهي. هن وقت روهڙيءَ ۾ رهي ٿو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.10.10  عيسوي

جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان: شاعر ، استاد ۽ تعليمي ماهر ، غلام مرتضيٰ خان جاگيراڻي ، تعلقي روهڙيءَ جي ڳوٺ لطف خان جاگيراڻي ۾ شاهه بيگ خان جاگيراڻي جي گهر ۾ 10 آڪٽوبر 1912 ع ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلو سي راڻي
ڊنشا دستور
تسليم دارا
اسماعيل فقير سمون
عامر خان مگسي مير
عبدالقادر منگي
افلاطون
تسنيم يعقوب
پيرو کٽي
اظهار قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون